اياز پاٽولي

اياز پاٽولي

اياز پاٽولي

اياز پاٽولي: سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ادب کي فروغ ڏيندڙ اديب ۽ ليکڪ اياز پاٽولي 2 اپريل 1939ع تي ٽنڊي محمد خان شھر جي پاٽولي پاڙي ۾پيدا ٿيو. سندس اصل نالو محمد هاشم پاٽولي هو. هن ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1964ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو. هِن 1954ع کان اياز پاٽوليءَ جي نالي سان لکڻ جي شروعات ڪئي. سڀ کان پھرين سندس واسطو ”ٻارن جي محفل“ سان رهيو. هِن جنوري 1957ع ۾ ”اداره گلشن ادب“ جو قيام عمل ۾ آڻي ان جي پليٽ فارم تان ٻاراڻا اشاعتي سلسلا جاري ڪيا. هن جولاءِ 1960ع ۾ ”بزم گلشن سنگت“ جو به قيام عمل ۾ آندو، جنھن جون سموري سنڌ ۾ 45 شاخون قائم ٿيون ۽ اٽڪل ويھه هزار ماڻهو ان تنظيم جا ميمبر بڻيا. سندس تنظيم ’اداره گلشن ادب‘ پاران ٻارن لاءِ ڇپايل ڪتابن جو تعداد لڳ ڀڳ 300 (طبعزاد توڙي ترجمو/ترتيب )آهي. جن ۾: ’هيرن جو هار‘،’گلابي مکڙيون‘، ’گلڙن جو گلدستو‘، ’ماڻڪ ۽ موتي‘، ’سُڳنڌ‘،’ٽڙيل گل‘، ’هڪ ڏينھن جو بادشاهه‘، ’اڏامندڙ گهوڙو‘، ’هٻڪار‘،’پنکڙيون‘، ’جيڏانھن پير، تيڏانھن خير‘، ’ماڪ ڀنا گل‘ ۽ ٻيا شامل آهن. هن 77-1976ع ۾ ’ٻارن جو ڊائجسٽ‘ ۽ ’گلشن ڊائجسٽ‘ نالي سان ٻارن جا ڊائجسٽ به جاري ڪيا. سنڌي ادبي سنگت، اداره سنڌي ادب، اداره چراغ ادب، ٻارڙن جي ٻاري، اداره گلزار ادب، گلن جھڙا ٻارڙا ۽ اداره حب الوطن جھڙن ادارن سان پڻ سلھاڙيل رهيو. کيس ڪيترائي اوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ مليا. پير مظھر الحق جي تعليمي وزارت واري دور ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. ازدواجي حوالي سان سندس شادي پنھنجي سئوٽ سان 1968ع ۾ ٿي، جنھن مان کيس ڇھن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. 2008ع ۾ اکين جي آپريشن سبب ادبي سرگرمين کان پاسيرو رهيو. پنھنجي آتم ڪٿا به سرجيل اٿس، جيڪا اڃا شايع نه ٿي سگهي آهي. اياز پاٽولي 13 مارچ 2023ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪئي.


لفظ اياز پاٽوليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2023.03.13  عيسوي

اياز پاٽولي 13 مارچ 2023ع تي وفات ڪئي


1939.04.02  عيسوي

اياز پاٽولي 2 اپريل 1939ع تي ٽنڊي محمد خان شهر ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تراب لاڙڪاڻوي
جعفري خيرالنساءِ
جنيد احمد سومرو
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
سيد موٽيل شاهه سبزواري
ڀرڪيو شيخ ٺٽو
ثريا 1
جمالي حاجي محمد بخش
بوعلي قلندر شيخ
ديوان ڄيٺمل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون